Friday, September 4, 2015

سنڌ جي پيرن ۾ پيل جاگيرداراڻه زنجير ۽ مضبوط ادارن جي کوٽ!

سنڌ جي پيرن ۾ پيل جاگيرداراڻه زنجير ۽ مضبوط ادارن جي کوٽ!
نصير
اربع 26 آگسٽ 2015ع
هونئن ته 5019ع کان 1970ع وارا ڏهاڪا سنڌ لاءِ شديد آزمائش وارا سال هئا، جو انهن ڏهاڪن ۾ سنڌ پنهنجي وجود ۽ ٻوليءَ جي بقا جي ويڙهاند ۾ رُڌل هئي، پر هڪ ڳالهه نهايت اُتساهيندڙ آهي ته انهن سالن دوران سنڌ نه رڳو شاندار قومي ٻَڌي ۽ شعور جو مظاهرو ڪيو، پر سماج کي اڳتي وڌائيندڙ ادارن ۽ تحريڪن کي پڻ جنم ڏنو. انهن ڏهاڪن دوران سنڌ اندر ثقافتي، ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارن جنم ورتو يا اوسر جي اوج تي پهتا. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت، جيئي سنڌ هلچل، هاري تحريڪ، ادبي مخزنن ۽ اخبارن جي ان دور جي ڪردار کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن نه سمورو سماج پنهنجي بقا جي ويڙهاند ۾ هڪ ٿي بيٺو هو. اڳتي هلي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪالاباغ ڊيم، ڌاري آبادڪاري ۽ جمهوريت جي بحاليءَ دوران تحريڪون به ان ئي قومي جاڳرتا جو تسلسل هيون. انهن سمورين تنظيمن، فردن ۽ ادارن سان مختلف نوعيت جا اختلاف رکڻ جي باوجود انهن جي شاندار ڪردار کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ کان پوءِ هوريان هوريان انهن ادارن جو زوال شروع ٿيو. انهن ادارن جي جمود ۽ زوال سان گڏ هڪ نئين شروعات اثرائتي سنڌي ميڊيا جي شڪل ۾ ٿي، جيڪا ان خال کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڀرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. ساڳئي عرصي دوران اين جي اوز جي نون ادارن به جنم ورتو، پر مختلف سببن جي ڪري اهي ڪنهن وڏي سماجي اُٿل پُٿل کي جنم نه ڏئي سگهيا. سياسي ادارن جي ڪمزور ٿيڻ جو خال ڪو به ٻيو ادارو نه ٿو ڀري سگهي.
1990ع جي ڏهاڪي کان پوءِ جنهن شهري مڊل ڪلاس جنم ورتو آهي، ان وٽ ادارا قائم ڪرڻ جا موقعا شروعاتي ٽن ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هئا، پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. اچو ته هڪ جائزو وٺي، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ((i 1950ع کان 1980ع وارن ڏهاڪن دوران جنم وٺندڙ  ۽ اُسرندڙ ادارن جو زوال ڇو آيو؟ (ii) 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ اُسرندڙ مڊل ڪلاس نوان ادارا ڇو نه جوڙي سگهيو؟ ۽ (iii) اڳتي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي؟
ادارن جو قيام ۽ انهن جي ڪارڪردگي سماج جي سگهه جو پئمانو هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جو ڇيد ڪرڻ کان سواءِ آئيندي جي حڪمت عملي جوڙي نه سگهبي. شروعاتي ٽن چئن ڏهاڪن دوران سنڌ جيئن ته هڪ ڀرپور مزاحمتي دور مان گذري رهي هئي ۽ سياسي محاذ تي سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجي ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙا قدآور نالا موجود هئا، تنهن ڪري علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي محاذن تي به جدوجهد لاءِ ڀرپور اُتساهه موجود هو. ٻي ڳالهه ته سياسي تنظيمن ۽ هلچل کان سواءِ جيڪي علمي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ادارا متحرڪ هئا، اهي به پنهنجي جوهر ۾ سياسي عمل سان مڪمل طور سلهاڙيل هئا. مثال طور سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت بظاهر ادبي ۽ سماجي ادارا هئا، پر سندن سموري جدوجهد سنڌ جي سياسي حقن واري هلچل سان گهري نموني سلهاڙيل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو ايجنسيون مٿن به ايتري ئي ڪرڙي اک رکنديون هيون، جيتري سياسي پارٽين ۽ ڪارڪنن تي رکنديون هيون. اڄ انهن سمورن ادارن وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کُليل ماحول، موقعا ۽ وسيلا موجود آهن، پر اهي سماج ۾ گُهربل ڪردار ادا ڪرڻ کان وانجها آهن. اسان سڀ پاڻ کي تسلي ڏيڻ ۽ ٻين کي ٻُڌائڻ لاءِ ڀلي کڻي ڪيترا به دليل ۽ حوالا ڏيون، پر سماج ۾ انهن جو ڪو سگهارو ڪردار هاڻي نظر نه ٿو اچي. ان سوال کي ذاتي انا يا جذباتي حوالي  سان ڏسڻ بجاءِ اڻ ڌري تنقيدي اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان صورتحال پُٺيان سمايل حقيقتن جو دُرست ادراڪ ڪري سگهجي.
ون يونٽ واري تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ عارضي اطمينان واري لهر جنم ورتو. مٿان وري ڀُٽي صاحب جي حڪومت اچڻ کان پوءِ سنڌ واسين کي اهو محسوس ٿيو ته هاڻي هو ملڪي اقتدار ۽ ڪاروهنوار ۾ مکيه ڀائيوار بڻجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ ٻوليءَ وارن هنگامن کان پوءِ ثقافتي محاذ ۾ وري جوت جاڳي پئي هئي، پر مجموعي طور تي سنڌ واسي ان مزاحمتي مرحلي مان نڪري چڪا هئا. ثقافتي ۽ سماجي محاذ جي ادارن کي جڏهن مزاحمت مان ڪجهه واندڪائي ملي ته اصولي طور انهن جي ادارتي جوڙجڪ ۽ سماج جي اڏاوتي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي گُهرج هئي. ڪجهه عرصي تائين ائين ٿيڻ کان پوءِ آهستي آهستي انهن ادارن اندر ادارتي فورم ڪمزور ۽ فرد سگهارا ٿيڻ لڳا. جڏهن ادارن ۾ فرد سگهارا ٿيڻ لڳن ۽ ادارا فردن جا محتاج ٿيڻ لڳن ته اها ادارن جي زوال جي پڪي نشاني آهي. فردن پنهنجي ماضيءَ جي خدمتن جي مڃتا جي صلي ۾ ادارن کي ذاتي ملڪيت ۾ بدلائڻ شروع ڪيو. هوريان هوريان شاخن کان وٺي، مرڪز تائين مخصوص فردن ۽ سندن حامي لابين جي والار شروع ٿي، ان والار کي جمهوري شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي خاص وفادارن جي ميمبرشپ مهم شروع ڪرائي وئي. هڪ وقت آيو، جڏهن انهن ادارن جي چونڊن ۾ اهي سمورا وسيلا ۽ طريقا ڪتب اچڻ لڳا، جيڪي اسيمبلين جي چونڊن دوران وڏيرا استعمال ڪندا آهن. اهو رويو ادبي ۽ سماجي تنظيمن کان علاوه استادن ۽ صحافين جي تنظيمن ۾ به نظر آيو. 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ اهي تنظيمون عوامي مزاحمت ۽ شعور جي سرواڻي ڪرڻ بجاءِ وڏيرڪين اوطاقن ۾ بدلجڻ لڳيون. انهن ۾ موجود فردن جو حوالو سندن ڪم يا ڪردار نه، پر فلاڻي جو ماڻهو ۽ فلاڻي گروپ جو اڳواڻ وارو بڻجڻ لڳو. ماضيءَ ۾ سنڌ جي حقن واري جاکوڙ ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ اڪثر نامور شخصيتن پاڻ کي انهن ادارن جو تاحيات عهديدار بڻائڻ شروع ڪيو. نئين سوچ ۽ اختلاف راءِ رکندڙن لاءِ دروازا بند ڪرڻ خاطر مٿين کان هيٺين سطح تائين وفادارن ۽ حامين جا ٽولا ڀرتي ڪري، چونڊن وسيلي والار کي جمهوريت جي نالي تي حلال ڪرڻ جي رسم شروع ڪئي وئي. اڄ انهن ادارن ۾ هيٺ کان مٿي تائين ڪجهه اهڙن فردن جي قطار نظر ايندي، جيڪي چئن ڏهاڪن کان انهن ادارن جا واڳ ڌڻي بڻيل آهن. انهن شخصيتن جي ماضيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار جي احترام کان ڪو به انڪار ناهي، پر بدقسمتيءَ سان متبادل قيادتن جا رستا بند ڪري، هنن ادارن کي سينواريل تلاءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هاڻي ڪيترن ئي ادارن جو ذڪر گهڻو ڪري سندن چونڊن جي مُند ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي، باقي سنڌي سماج کي درپيش انتهائي سنگين مسئلن تي سندن پاليسي بيان به ٻُڌڻ ۾ نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي تي ڪنهن تقرير ۾ ڪي ٻه چار جملا ادا ڪن ٿا ته ٺيڪ، نه ته ماٺ آهي. انهن ادارن ۾ ويٺل ڪيترن ئي سينئر شخصيتن جو خيال آهي ته چار پنج ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل سنڌي قوم ۾ سندن متبادل هجڻ جي اهليت ڪنهن ۾ به ناهي، تنهن ڪري جيڪڏهن هنن ۽ سندن حامين انهن ادارن جي قيادت تي ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏنو ته ادارا بند ٿي ويندا. عقل، فهم ۽ ڪمٽمينٽ ۾ کين پنهنجو ڪو مَٽ يا ثاني نظر نه ٿو اچي، تنهن ڪري ڦري گهري هر اليڪشن ۾ پاڻ ئي واري واري سان ادارن جي سربراهي سنڀالين ٿا. نتيجو اهو آهي، جو سنڌي سماج کي اڄوڪي دور جي حالتن ۾ جنهن سياسي جدوجهد ۽ سماجي اُٿل پُٿل جي ضرورت آهي، ان بابت انهن ادارن وٽ عوام کي ڏسِڻ لاءِ نه ڪا چِٽي واٽ آهي ۽ نه ڪا جديد تقاضائن سان ٺهڪندڙ حڪمت عملي آهي. شخصي طور ڪجهه فرد پنهنجي حال آهر پنهنجو ذاتي ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا، پر اجتماعي طور ادارن جو ڪردار سگهارو نه رهيو آهي. اهو ساڳيو رويو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سياسي تنظيمن ۾ به نظر آيو ۽ اڄ قومپرست تنظيمن جا ڌڙا نظريي ۽ سوچ کان وڌيڪ فردن جي حوالي سان سُڃاتا وڃن ٿا ۽ سندن تعارف فلاڻي خان جو گروپ بڻيل آهي. سياسي تنظيمن جي حوالي سان صورتحال ان ڪري ڪجهه مختلف آهي، جو ڪي ڌريون اڄ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون، البته انهن ۾ به قيادت جو جمود وڏي حد تائين چِٽو آهي. مرڪز کان ضلعي تائين ڪجهه مخصوص نالا آهن، جيڪي هميشه عهديدار ئي رهن ٿا، مجموعي طور تي انهن سمورن ادارن ۾ قيادت جو جمود سندن اوسر ۽ تبديليءَ لاءِ ڪنهن سگهاري ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. جيستائين اهي ادارا نئين سوچ واري قيادت ۽ جديد تقاضائن سان ٺهڪندڙ حڪمت عملين کي اڳتي اچڻ نه ڏيندا، اهي سماجي تبديلي ۽ جوڙجڪ ۾ ڪو به سگهارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا.
ان بحث جو ٻيو اهم سوال اهو آهي ته 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ جيئن جيئن اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کُليل ماحول، ٽيڪنالاجي ۽ لهه وچڙ جا نوان موقعا فراهم ٿيا آهن، ته نئين اُسريل وچولي طبقي انهن موقعن مان گُهربل فائدا ڇو نه ورتا آهن ۽ سماج کي اڳتي وڌائيندڙ ادارا قائم ڇو نه ڪيا آهن. جيتوڻيڪ گذريل ٻن اڍائي ڏهاڪن دوران سنڌي ميڊيا هڪ سگهاري اداري طور اُڀري آهي، پر ٻين شعبن جهڙوڪ ريسرچ، تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي، ادب، سماجي خدمت، ڪاروبار، هُنري سکيا وغيره ۾ ڪي قدآور ادارا نظر نه ٿا اچن. سنڌي قوم جتي مزاحمتي نوعيت جي جدوجهد ۽ ادارن جوڙڻ ۾ سگهاري آهي، اُتي سماج جي اڏاوتي ادارن جوڙڻ ۾ ايتري ئي ڪمزور به آهي، ان جو هڪ ڪارڻ خود سنڌ جو جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو آهي، جيڪو مختلف شڪلين ۾ سنڌي سماج جي پيرن کي زنجير جيان جڪڙي، اُن جي اوسر کي روڪي رهيو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي کان اُسريل اڄوڪي وچولي طبقي جو گهاڙيٽو مارڪيٽ واري وچولي طبقي کان وڌيڪ سرڪاري ۽ خانگي شعبي واري نوڪري پيشه وچولي طبقي وارو آهي. انهن مان ڪيترن ئي فردن ڪجهه نه ڪجهه ادارا جوڙيا به آهن، پر مجموي طور تي ادارا جوڙڻ واري ڪا وڏي لهر نظر نه ٿي اچي. بنيادي طور تي خانگي شعبي ۾ سگهارا ادارا قائم ڪرڻ لاءِ موڙي گُهربل هجي ٿي، جيڪا مارڪيٽ ۾ ويٺل وچولي طبقي وٽ هوندي آهي. تعليم ۽ نوڪريءَ وارن شعبن سان سلهاڙيل وچولي طبقي وٽ نهايت سگهارا آئيڊياز ته هوندا آهن، پر اهي انهن خيالن کي عملي شڪل ڏيڻ جي مادي وسيلن کان محروم هوندا آهن. سنڌي ميڊيا جا ادارا به ان ڪري جڳهه ٺاهي سگهيا، جو انهن جي پُٺيان مارڪيٽ وارو وچولو طبقو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ادارا نه رڳو قائم رهي سگهيا آهن، پر لڳاتار ڪردار به ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ جيئن ته سياسي حڪمرانيءَ تي وڏيرڪو ٽولو قابض آهي، تنهن ڪري اهو مارڪيٽ واري وچولي طبقي جي اوسر ۾ رڪاوٽ آهي. اهو طبقو ڪروڙين رپيا خيراتي انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر صنعتڪاري، ٽيڪنالاجي، شهري ڍانچي، جديد تعليم وغيره لاءِ وسيلا رکڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته ان سيڙپڪاريءَ سان مارڪيٽ تي ٻَڌل شهري وچولو طبقو جنم وٺندو، جيڪو سندن اوطاقن جي حاضري نه ڀرڻ چاهيندو، ان جي اُبتڙ پنجاب ۾ جيئن ته صنعتڪار ۽ سيڙپڪار طبقو حڪومتن ۾ رهيو آهي ته هنن مارڪيٽ واري وچولي طبقي جي اوسر لاءِ سيڙپڪاري ڪري، ان کي سگهارو ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو پنجاب ۾ صنعتڪار طبقو جديد يونيورسٽين کان وٺي، خانگي شعبي ۾ تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي اوسر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنجاب جي وچولي طبقي ۾ ادارا قائم ڪرڻ جو لاڙو، ان ڪري سگهارو آهي، جو ان وٽ موڙي ۽ مددگار سماجي توڙي سرڪاري ڍانچو  موجود آهي. سنڌي وچولو طبقو انهن حالتن ۾ ڪيئن ڪردار ادا ڪري، ان تي ايندڙ مضمون ۾ بحث ڪنداسين.

سنڌ لاءِ هڪ سگهاري سياسي پارٽيءَ جي گهرج!

سنڌ لاءِ هڪ سگهاري سياسي پارٽيءَ جي گهرج!

 نصير   - سومر 13 جولاءِ 2015ع

جيئن ته هاڻوڪين حالتن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي حوالي سان اهو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن ڪردار جي سنڌ جي ماڻهن کي ان مان اميد هئي، تڏهن لازمي بڻجي ٿو ته سنڌ جي ووٽر وٽ ڪو متبادل هجڻ گهرجي. پر سنڌ سان وڏو ظلم اهو آهي، جو هڪ پاسي پيپلز پارٽي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٻي اهڙي ڪا ڌر ميدان تي ڪونهي، جنهن کي هو مُتبادل سمجهي آزمائين. يعني سنڌ سياسي طور تي اهڙي هڪ هٽيءَ جو شڪار آهي، جنهن پيپلز پارٽيءَ کي ڄڻ ته پنهنجي من ماني ڪرڻ جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ اسان ڪالهوڪي مضمون ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين جو جائزو ورتوسين ته اهي سنڌ اندر هڪ مضبوط سياسي مُتبادل ڇو نه بڻجي سگهيون. ان ساڳي تسلسل جو هيءُ ٻيو حصو آهي، جنهن ۾ قومپرست سياست جي ڪجهه وڌيڪ ڪمزور پاسن جي ڳالهه ٿيندي.
سياسي بنيادن تان پارٽين جو ٿِڙي وڃڻ:
سنڌ ۾ قومي حقن واري جدوجهد شروعات کان مذهبي ۽ فرقيواريت کان نه رڳو آجي رهي، بلڪه قومپرست پارٽين هميشه پاڻ کي مذهبي انتهاپسندي وارين ڌرين کان الڳ رکيو آهي، جيڪڏهن انهن ڪنهن مذهبي ڌر سان ماضيءَ ۾ ڪا ويجهڙائي رکي به ته اهي ڌريون رجعت پسند نه هيون ۽ سنڌ جي قومي حقن واري معاملي تي بنهه چٽيون هيون. بدقسمتيءَ سان قومپرست ڌريون پنهنجي ان اهم نظرياتي بنياد کان هٽي چڪيون آهن، هاڻي انهن ۾ اتحاد اهڙين ڌرين سان به عام ٿيڻ لڳا آهن، جيڪي سنڌ ۾ انتها پسنديءَ جو زهر پکيڙڻ ۽ مذهبي توڙي فرقيوار قتل و غارت جون به ذميوار آهن. انهن مان ڪي ڌريون ته سنڌين کي قوم مڃڻ لاءِ به تيار ناهن، ان قسم جي پاليسين کي وقت جي گهرج  ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جي نالي ۾ ائين حلال ڪيو ٿو وڃي، جيئن ملڪي اسٽيبلشمينٽ هر ڪڌي ڪم کي نظريهءِ ضرورت ۽ عظيم تر قومي مفاد جي نالي ۾ جائز قرار ڏيندي رهندي هئي. ان قسم جي پاليسين سان شايد وقتي طور ڪي فائدا حاصل ٿي وڃن پر  ڊگهي مدي ۾ ان سان قومي حقن جي هلچل کي ڪاپاري ڌَڪ رَسندو.
قومپرست جدوجهد جو هڪ اهم بُنياد اهو آهي ته اها سنڌ ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ لاءِ سنڌي سماج جي وڏي ويري، وڏيري/جاگيردار خلاف رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه مٿئين طبقي جا ماڻهو، قومي تحريڪ سان سلهاڙيل يا ان جا حامي رهيا آهن، پر انهن جو ڪردار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سنڌ دوست هو، وڏيرو يا جاگيردار هجڻ کان وڌيڪ انهن جو سنڌ دشمن رويو اعتراض جوڳو آهي. قومپرست پارٽيون هوريان هوريان اهو اهم سَنڌو به مٽائي رهيون آهن، اڄڪلهه انهن پارٽين جي ميڙاڪن ۾ اهي وزير ۽ موقعي پرست ماڻهو مکيه ڪرسين تي نظر اچن ٿا، جن جو ماضي اسٽيبلشمينٽ جي وفاداري ۽ سنڌ جي مفادن تي راتاهو هڻڻ وارن عملن سان ٽمٽار آهي. عام سنڌ واسي اهڙن واسينگن کي قومي هلچل جي صفن ۾ ڏسي سوچين ٿا ته اهڙي قومپرست جدوجهد جو ڪهڙو فائدو، جيڪا سنڌ جي ويري طبقي سان لاڳاپيل فردن کي ساڻ کڻي هلي، جيڪڏهن اهي فرد پهرين قوم کان پنهنجي ماضيءَ جي غلطين جي معافي وٺي قومي هلچل جو حصو ٿين ۽ انهن پارٽين ۾ اچڻ سان چڱا مڙس بڻجڻ بجاءِ عام ڪارڪن جيان انهن جو حصو بڻجن ته پوءِ ته ٻي ڳالهه آهي، باقي بنا پڇا ڳاڇا جي ”جيڪي آيا سي اگهيا“ واري ڪار هجي ته پوءِ قومپرست هلچل کي ان مان سواءِ نقصان جي ڪجهه به پلئه نه پوندو. ساڳيءَ طرح قومپرست پارٽين ۾ ابن الوقت چهرن جي اچ وڃ کي به عام سنڌ واسي چڱي نظر سان نٿو ڏسي، اهي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ڍنڍ جي پکين جيان ڪنارا بدلائيندا رهن ٿا، انهن لاءِ هر وقت دروازا کولي رکڻ سان به قومي جدوجهد جو اميج خراب ٿيو آهي. قومپرست جدوجهد جو هڪ ٻيو اهم رويو اسٽيبلشمينٽ جي سنڌ دشمن پاليسين جي کليل مخالفت رهي آهي، تنهن ڪري اهي ماڻهو جيڪي اسٽيبلشمينٽ جا آزمودگار ساٿاري رهيا آهن، انهن سان سياسي ۽ ذاتي لاڳاپن رکڻ کي ڪو به باشعور سنڌ واسي قبول نٿو ڪري سگهي. انهن نظرياتي بنيادن جي ڪمزوريءَ جو نتيجو آهي جو اڄڪلهه ڪجهه قومپرست تنظيمن جي جلسن ۾ اهڙا فوٽو، نعرا ۽ مطالبن جا پلي ڪارڊ نظر اچن ٿا، جيڪي انهن پارٽين جي نظرياتي ڏيوالپڻي جي نشاندهي ڪن ٿا.
اخلاقي معيارن جو زوال:
ڪو وقت هو جو سنڌ جي شاگرد تنظيمن ۽ قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن اخلاقي قدرن جي علامت هئا. وقت سان گڏ اهڙو زوال آيو جو ڪرائيم، ڀتا خوري، گهرن ۽ پلاٽن تي قبضا انهن پارٽين جي نشاني بڻجي پيا. بنيادي اخلاقي معيارن کان هيٺ بيٺل اڳواڻ، ڪارڪن ۽ پارٽيون سنڌ کي ڪجهه به نه ڏئي سگهنديون، هتي اخلاقيات مان مراد ذاتي اخلاقيات کان وڌيڪ اهو سماجي ڪردار آهي، جيڪو سياسي ڪارڪنن جي سڀ کان وڏي وٿ هوندي آهي. بدقسمتيءَ سان ڪجهه کي ڇڏي باقي اڪثر سياسي پارٽيون ۽ گروپ سنڌ جي حقن جي سياست جي آڙ ۾ پنهنجا ڌنڌا ڪرڻ ۾ رڌل آهن. سنڌ واسي محسوس ڪن ٿا ته اڄ جن وٽ ڪو به اقتدار ناهي، تڏهن به سندن ڏاڍَ کان ڪا گهٽي ۽ بازار محفوظ ناهي ته پوءِ اقتدار جي طاقت حاصل ٿيڻ جي صُورت ۾ ته اهي ماڻهو حُڪمران ٽولن کان به وڌيڪ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو جهان سجائيندا. قومي هلچل جي صفن مان جيستائين ڪرائيم جو انت نه ايندو، سنڌ واسي سندن سڏ تي دڪان ته بند ڪندا پر کين دل سان مان يا ووٽ ڏيڻ کان هميشه ڪيٻائيندا. ان ئي ماحول جو نتيجو آهي جو سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ کان پوءِ ڪا به سگهاري عورت جدوجهد نظر نٿي اچي. ڪمزور اخلاقي ڪردار ۽ جاگيرداراڻن روين سبب انهن پارٽين ۾ عورتن جي سگهاري شرڪت نٿي نظر اچي. وقت گذرڻ سان سنڌ ۾ وچولي طبقي جي باشعور ۽ سرگرم عورتن جو انگ وڌيو آهي، پر اهي سياسي مکيه ڌارا جو حصو ٿيڻ کان لنوائين ٿيون، ان جو اهم ڪارڻ قيادتن جا رويا ۽ ڪردار آهن. سماج جي اڌ آباديءَ کي جدوجهد کان ٻاهر رکڻ سان ڪا به جدوجهد نتيجا نه ڏئي سگهندي. سنڌ جي قومي حقن جي هلچل جي انهن ڪمزور پاسن تي بحث جو مطلب سندن ڪردار ڪشي نه، پر انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪرڻ آهي، جن کان پاسو ڪري سنڌ جي قومي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڌُريون سنڌ جي مفادن لاءِ بهتر طريقي سان جدوجهد ڪري سگهن ٿيون، جنهن ۾ سنڌ واسي خوشي ۽ فخر سان حصو بڻجن چاهيندا. سنڌ جي اڄوڪي سياسي صورتحال ۾ هڪ سگهاري ۽ باعمل سياسي پارٽي سنڌ جي اڻٽر گُهرج آهي، جنهن سان سنڌ جو قومي وجود ۽ آئيندو سلهاڙيل آهن.

قومپرست سياست ۽ سنڌ جا سياسي حق! نصير

قومپرست سياست ۽ سنڌ جا سياسي حق!

آچر 12 جولاءِ 2015ع  نصير
سنڌ جي سياست مڪمل طور نه تڏهن به ڪجهه حوالن سان جمود جو شڪار ضرور بڻيل آهي. هونءَ ته سنڌ جي عوامي مزاحمت ڪڏهن به ماٺي نه ٿي آهي ۽ جڏهن به سنڌ مٿان ڪا وڏي مُصيبت ڪڙڪي ٿي ته سنڌ واسي سمورن ويڇن ۽ الڳ راين جي باوجود هڪ آواز ٿي اُٿي بيهن ٿا. ويجهي ماضيءَ ۾ ان جو هڪ اُتساهيندڙ مثال ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ جي گڏيل مزاحمتي هلچل هُئي، جنهن پيپلز پارٽيءَ جهڙي سگهاري حڪومت کي پنهنجا اتحادي ڪاوڙائي به سنڌ واسين جي موقف اڳيان آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو. پر اهڙو شاندار ردِعمل گهڻو ڪري ڪنهن وڏي مصيبت نازل ٿيڻ جي حالت ۾ ئي نظر اچي ٿو. عام حالتن ۾ سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ڪُجهه حوالن سان جمود جو شڪار نظر اچي ٿي. ان جمود جون مختلف شڪليون آهن. مثال طور سالن ۽ ڏهاڪن کان مخصوص اڳواڻن جي قيادت ۽ ٻين يا ٽين سطح جي پارٽي قيادت جو نه اُڀري سگهڻ، ڏهاڪا پراڻا جدوجهد جا طريقا ۽ نعرا به ان جمود جي هڪ ٻي علامت آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ شهري ماحول جي اوسر سان گڏ سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ جيڪي وڏيون تبديليون اچڻ گُهرجن ها، اهي تمام گهٽ نظر اچن ٿيون. ان صورتحال جي ڪارڻن جو ڇيد سماجي سائنس جي آڌار تي ڪجي ته ان جو وڏو ڪارڻ خود سنڌ جو سماجي جمود آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان پيداواري سرشتو نه بدلجڻ سبب سنڌ مٿان اها ئي مدي خارج جاگيرداريت سوار آهي. اها جاگيرداريت رڳو زمينن جي مالڪيءَ جي شڪل ۾ نه پر هڪ تمام گهري سماجي رويي طور سماج جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي رهي آهي. سماجي تبديليءَ جي حوالي سان ان حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ته جيئن آواز ختم ٿيڻ کانپوءِ به ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو رهندو آهي، تيئن سماج ۾ ڪنهن لقاءَ جا ڪارڻ ختم ٿيڻ جي باوجود به هڪ عرصي تائين ان جو اثر برقرار رهندو آهي. مثال طور پنهنجي معاشي وصف موجب شايد سنڌ ۾ جاگيرداريت اڳ جيان نه رهي آهي، پر ان جا اثر روين جي شڪل ۾ نه رڳو سماج ۾ اڄ به موجود آهن پر اهي مختلف شڪليون بدلائي ڪن حوالن سان ته اڳي کان به وڌيڪ سَگهارا ٿي چُڪا آهن. مثال طور معاشي طور اڳ جيان سگهارو نه رهندڙ جاگيردار ٽولو هاڻي اقتدار جي ايوانن انتظامي مشينري ۽ عوامي وسيلن تي والار ڪري اڳي کان وڌيڪ مواڙ ۽ ڀوائتو ٿي چڪو آهي. هاڻي اهو بوسڪيءَ جي وڳي، نئين پجيرو، صوبيدار سان ياري، ڪمدارن ۽ اوطاقي ٽولي وسيلي راڄ ڪرڻ بجاءِ ڪنهن حد تائين جديد تعليم، سياسي ترڪتالين، اسٽيبلشمينٽ سان وفاداري، ڪجهه خريد ڪيل ميڊيا، ڪرپشن وسيلي بي زبان بنايل پارٽي ڪيڊرز، اشتهاري مهم، وفادار انتظامي عملدارن ۽ بجيٽ تي قبضو ڪري سماج جو رت اڳي کان وڌيڪ چُوسي رهيو آهي.
جاگيردار ٽولي جي ان قبضي مان جان ڇڏائڻ ڏينهون ڏينهن ڏُکي ٿيندي وڃي ٿي، ڇو ته تبديليءَ جون حامي قوتون ڇڙ وڇڙ ۽ سگهارن ادارن توڙي قيادت کان محروم آهن. جيتوڻيڪ سماج ۾ تبديليءَ جي خواهش رکندڙ ماڻهو عددي طور ٿورائيءَ ۾ ناهن پر انهن جون حڪمتِ عمليون ۽ ادارا اڃا گهربل سگهه ناهن ماڻي سگهيا، تنهن ڪري تبديليءَ جي رفتار سُست آهي. سنڌ ۾ تبديلي ۽ سنڌ جي سياسي حقن جي جدوجهد جو ڳانڍاپو بنهه چِٽو آهي. جيستائين سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون ۽ سماجي روين ۾ ڪا وڏي اٿل پٿل نه ايندي، سنڌ جي سياسي حقن جي جدوجهد گولائيءَ ۾ ڦيرا ڏيندي رهندي. گولائيءَ واري حرڪت علم طبعيات ۾ موجود هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ توانائي به لڳندي آهي ۽ چرپر جو احساس به ٿيندو آهي پر شيون پنهنجي بنياد کان منزل ڏانهن ڪا وک نه کڻي رهيون هونديون آهن، يعني انهن ۾ ڪا به عملي اڳڀرائي نه ٿي رهي هوندي آهي. اهڙن گروهن ۽ قومن لاءِ تاريخ روز پاڻ کي ورجائيندي رهندي آهي. مثال طور ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي سياسي تاريخ پڙهڻ يا پنهنجي هوش سنڀالڻ کانپوءِ ڪيل مشاهدي مان هيٺيون حقيقتون صاف نظر اينديون.
سنڌ لڳاتار محروميءَ جي احساس ۾ آهي، وفاق سنڌ جي وسيلن تي قابض آهي، سنڌ جي سياست مٿان جاگيردار ٽولو قابض آهي، سنڌ جو هاري ۽ پورهيت انسانيت کان گهٽ درجي جي زندگي گُذاري ٿو. سنڌ ۾ امن امان جي حالت خراب آهي، سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي، سنڌي نوجوانن ۾ بيروزگاري آهي، تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيو آهي. سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن عام آهي، سنڌ ۾ پوليس عوام سان ظُلم ۽ زيادتيون ڪري ٿي، وفاق ۾ سنڌي آفيسر اهم پوسٽ تي نٿا رکيا وڃن، صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽر، طبي عملو ۽ دوائون اڻلڀ آهن، پيئڻ جو پاڻي خراب هُجڻ سبب بيماريون عام آهن، وغيره وغيره. اهڙين حقيقتن جي هڪ اڻ کٽ فهرست آهي، جيڪا سنڌ ۾ ڇانيل سماجي جمود جي نشاني آهي.
ٻئي طرف سنڌ جي قومي حقن ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ فردن جي محنتن ۽ قربانين جا به اڻ کٽ تفصيل آهن. سچار قومي ڪارڪنن جي قربانين ۽ شهادتن جا تفصيل ڪيئي ڪتاب گُهرن  ٿا.
ساڳيءَ طرح سماجَ ۾ عوام دوست هڏ ڏوکين جي سماجي خدمتن جون ڪهاڻيون به اڻ کٽ آهن. يعني هڪ طرف جاکوڙ ۽ قُربانين جا انبار آهن ته ٻئي پاسي مُصيبتن ۽ مسئلن جو تسلسل به ساڳيءَ طرح برقرار آهي. اها حقيقت ظاهر ڪري ٿي ته نه رڳو سماج جا بُنياد کوکلا ڪندڙ ۽ ان ۾ جمود کي تسلسل ڏيندڙ قُوتون سگهاريون ٿينديون رهيون آهن پر ساڳئي وقت حقن ۽ تبديليءَ لاءِ هلندڙ لڳاتار جدوجهد ۾ ڪي اهڙيون اندروني ڪمزوريون ضرور آهن، جيڪي سماج دُشمن طاقتن کي مڪمل طور شڪست نه ڏيئي سگهيون آهن. هُونءَ ته سماج ۾ تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ قوتن جا ڪيئي روپ آهن ۽ انهن مان هر ڪنهن جو الڳ جائزو وٺي سگهجي ٿو پر جيئن ته سياسي جدوجهد سماجي تبديليءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو سڀ کان اُتم طريقو آهي، تنهن ڪري هتي انهن جي ڪمزور پاسن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. سماجَ ۾ تبديليءَ جا ٻيا مورچا کڻي ڪيڏا به سَگهارا ٿي پون پر بُنيادي ۽ دائم تبديلي سياسي عمل جي ئي نتيجي ۾ مُمڪن هُوندي آهي.
سنڌ ۾ قومي حقن جي حوالي سان جدوجهد ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي باوجود سنڌ جي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي. ان قومي جدوجهد سنڌ کي انيڪ مُصيبتن اڳيان سينو تاڻي مقابلو ڪرڻ جي سگهه ڏني آهي. سنڌي سماج سمورين ڪمزورين باوجود اڄ به جنهن مزاحمت جو اظهار ڪندو رهي ٿو. ان جون پاڙون ڏهاڪن کان هلندڙ ان مزاحمتي جدوجهد ۾ کُٿل آهن. البته هلچل پنهنجي صلاحيت جي ڀيٽ ۾ گهڻا گهٽ نتيجا ڏنا آهن. پنهنجي اندروني ڪمزورين کي بهتر ڪرڻ سان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حقن جي جدوجهد گهڻا وڌيڪ ۽ ڊگهي مدي وارا نتيجا ڏيئي سگهي ٿي. ان جدوجهد جي ڪجهه ڪمزور رخن جو مختصر جائزو هن ريت آهي.
قيادت جو جمود:
ايڪڙ ٻيڪڙ حوالن کي ڇڏي باقي هر پارٽيءَ ۾ ذري گهٽ هر سطح تي ساڳيا فرد نظر اچن ٿا، انهن فردن جي اهليت ۽ سچائيءَ تي سوال نه ٿا اُٿاريون پر اهو ادارن اندر جمهوري رَوين جي سَگهاري ٿيڻ ۽ پارٽين اندر متبادل قيادت پيدا ڪرڻ جو سوال آهي. ڊِگهي عرصي تائين مرڪز کان ضلعن تائين اڪثر ساڳين چهرن جي موجود هُجڻ جو مطلب يا ته پارٽيءَ اندر اڳواڻيءَ جي صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي اڻاٺ آهي يا وري پارٽيءَ اندر جمهوري رَوين جي ڪمزوري آهي. ڪارڻ ڪجهه به هُجي پر ڊگهي عرصي تائين مختلف سطحن تي پارٽيءَ اندر اڳواڻيءَ جو نه بدلجڻ پارٽين ۾ اندروني جمود جو ڪارڻ بنجي ٿو. وقت گذرڻ سان اڳواڻن جو قد، پارٽي، منشور ۽ نظرئي کان به وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو، جڏهن اڳواڻن جو هر لفظ مُقدس بڻجي پوي ٿو، جنهن سان اختلاف جو مطلب غداري ۽ ايجنٽي سمجهيو وڃي ٿو. انهن روين سان پارٽيون فردن جي تابع بنجي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ٿيون.
سهپ جي اڻاٺ:
سنڌ جون سياسي ڌُريون گهڻو ڪري تنقيد لاءِ سهپ نه ٿيون رکن، پارٽي پاليسي ۽ اڳواڻ جي ڪنهن عمل يا بيان تي تنقيد حرام قرار ڏنل آهي. پارٽيءَ اندر ته اڳواڻ سان اختلاف راءِ جي جُرئت گهٽ مڃتا ماڻي ٿي پر جيڪڏهن ڪو ليکڪ يا صحافي به ڪا تنقيد ڪري ته ان کي به بنهه برداشت نٿو ڪيو وڃي. ڪن حالتن ۾ ته سوشل ميڊيا، ٽيڪسٽ ميسيجز ۽ اي ميلز وسيلي تنقيد ڪندڙ فرد خلاف ايڏي ته شديد مهم هلائي ٿي وڃي، ڄڻ سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو فرد آهي. ڪنهن جي راءِ سان اختلاف به رکي سگهجي ٿو، بلڪه ان کي دليلن جي آڌار مڪل طور رد به ڪري سگهجي ٿو. دليلن وسيلي رد ڪرڻ صحتمند سياسي عمل آهي، پر نازيبا ٻولي ۽ تهمتن وسيلي خوار خراب ڪرڻ ڪا صحتمند روايت ناهي. اڳواڻ يا پارٽي پاليسيءَ تي ڪا به تنقيد نه سهڻ سياسي بنياد پرستي آهي. بنياد پرستي ڪو مذهبي عقيدي جو مسئلو ناهي، ڪنهن به منظر تي سوچ، پاليسي يا فرد کي مخالف راءِ ۽ تنقيد کان مٿانهون ڪرڻ به بنياد پرستي آهي، جيڪا سياسي پارٽين لاءِ موتمار زهر مثل آهي. سياسي نظرين کي عقيدي، سياسي پارٽين کي فرقي ۽ سياسي ڳواڻن کي پيشوائن ۾ بدلائڻ بدترين سياسي بدديانتي آهي. ان رويي جو نتيجو آهي جو هر مخالف خيال رکندڙ غدار، ايجنٽ ۽ واجب القتل ٿيو پوي ۽ پارٽين اندر نون خيالن، سوچن ۽ روين جي آمد لاءِ دروازا بند ٿيو وڃن. ان جو نتيجو پارٽين اندر عقيدي پرستي ۽ جمود جي شڪل ۾ نڪري ٿو. اختلاف راءِ ۽ تنقيد کي ڊگهي عرصي تائين دٻائڻ ۽ اڳواڻن کي پيشوا بڻائڻ جو نتيجو آهي جو ذري گهٽ هر پارٽيءَ اندران ڪُجهه سالن کان پوءِ ڪو نه ڪو ڌڙو جنم وٺي ٿو. اهو ڌڙو ۽ ان جو اڳواڻ به ساڳي روش برقرار رکي ٿو ۽ پوءِ ان ڌڙي مان ڌڙا جنم وٺن ٿا، نتيجي طور هر راڻي مان راڄ ۽ لک ٿيڻ لڳن ٿا. وقت سان گڏ ڪي ڌڙا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي وري شڪليون بدلائي سفر جاري رکن ٿا.
ياد رکڻ گهرجي ته سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ فردن يا خاندانن جي نه پر عوام جي ملڪيت هوندا آهن، تنهن ڪري سندن تنقيد ۽ اختلاف راءِ جي حق کي مان ڏيڻ ڪا رعايت نه پر سياسي ذميواري آهي. پارلياماني سياست ۾ ته فردن جو قبضو ان ڪري هضم ٿي ويندو آهي، جو باقي ماڻهن کي ڪيئي ٻيا فائدا ملي رهيا هوندا آهن. ان جي ابتڙ پارليامينٽ کان ٻاهر حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪن ته گهڻو ڪري نظرئي ۽ پاليسيءَ سان سهمت ٿي پارٽين جو حصو بڻجندا آهن، تنهن ڪري جڏهن پارٽي اڳواڻ يا پاليسيون سندن سوچ سان ٽڪراءَ ۾ اينديون ته اهي لازمي طور پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا. ساڳيءَ طرح صحافي، ليکڪ ۽ ٻيا سڄاڻ فرد پارٽين جو حصو نه هوندي به ان جي اهم سگهه هوندا آهن، انهن جي اختلاف راءِ جي پٺيان ته ڪنهن ذاتي مفاد جي هجڻ جا امڪان اڃا به گهٽ هوندا آهن. قوم پرست سياست جي حوالي سان سڀاڻي شايع ٿيندڙ مضمون ۾ ڪجهه وڌيڪ اهم رخن کي به بحث هيٺ آڻينداسين.

ڇا ڪرپشن جي مخالفت جمهوريت دشمني آهي؟ نصير

ڇا ڪرپشن جي مخالفت جمهوريت دشمني آهي؟

اڱارو پهرين سيپٽمبر 2015ع - نصير
    سنڌ ۾ سگهاريون ڌريون پوري سگهه سان سرگرم ٿي چڪيون آهن. ايم ڪيو ايم کان پوءِ توقع موجب هاڻي پيپلز پارٽيءَ جو وارو اچي چڪو آهي. آصف زرداريءَ جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي وڌيڪ سخت ايڪشن صاف نظر اچي رهيو آهي. صورتحال جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي، پيپلز پارٽيءَ بنا دير جي ”سنڌ ڪارڊ“ ڪڍي هٿ ۾ سنڀالي ورتو آهي. پ پ جي اڳواڻن ترت ئي چئي ڏنو ته، ”اسٽيبلشمينٽ سنڌ سان بنگالين جهڙو ورتاءُ ڪري رهي آهي.“ ڪن چيو ته، ”وفاق پيپلز پارٽيءَ کي پاسيرو ڪري انتهاپسند قوتن لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي.“ ڪن وري اهو چيو ته، ”پيپلز پارٽيءَ کي ان ڪري راهه تان هٽايو پيو وڃي ته جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ڪري سگهجي.“ سنڌ جي وڏي وزير ته ان عمل کي وفاقي ايجنسين جو سنڌ مٿان حملو قرار ڏنو. پيپلز پارٽي ان ايڪشن جي مخالفت ۾ هڪ ٻيو سوال اهو به اُٿاري رهي آهي ته، ”ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ آهي، ٻين صوبن ۾ اهڙو ايڪشن ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟“ ان سموري بحث دوران پيپلز پارٽيءَ جي قيادت مان ڪنهن وٽ به اهو چوڻ جي اخلاقي جرئت نه هئي ته، سنڌ ۾ سندن پارٽيءَ هيٺ کان مٿي تائين ڪرپشن جي انڌير نگري قائم نه ڪئي آهي ۽ مٿن اهي الزام ڪوڙا آهن. سنڌ ۾ ڪرپشن انچ انچ تي ايڏي ته چِٽي نظر اچي ٿي، جو پيپلز پارٽيءَ جو ڪو به اڳواڻ اهو نه ٿو چئي سگهي ته مٿن اهو الزام غلط آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي مبينا ڪرپشن جا داستان اخباري مضمون کان گهڻا طويل آهن ۽ ٻچي ٻچي کي معلوم آهن، تنهن ڪري ان بابت دليل ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ان پسمنظر ۾ جڏهن سنڌ سرڪار خلاف اها وٺ پڪڙ شروع ٿي آهي ته سنڌ واسين لاءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي وفاقي ايجنسين جي ان عمل جي صوبي اندر مداخلت قرار ڏئي حڪومت جي حمايت ڪن يا حڪومت جي ڪرتوتن سبب مٿن نازل ٿيل ان عذاب تي ايڪشن کڻندڙ ڌرين جي حمايت ڪن. منهنجي نظر ۾ نه ڪو پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جي مفادن لاءِ ويڙهه ۾ لٿي آهي ۽ نه وري اسٽيبلشمينٽ ڪو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏيارڻ يا سنڌ جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪرپشن خلاف ميدان ۾ لٿي آهي. ٻئي ڌريون سنڌ نه، پر پنهنجي پنهنجي مفادن جي ويڙهاند ۾ آهن، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻُوڙن جيان لتاڙجي رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ وٽ گذريل ستن سالن دوران هڪ بهتر سنڌ اڏڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ان عمل جي شروعات جو موقعو هو، جيڪو هنن پنهنجي خسيس مفادن جي ور چاڙهي ڇڏيو. ڳالهه رڳو ڪرپشن ۽ سنڌ ۾ خراب حڪمراني قائم ڪرڻ جي نه، پر سنڌ جي بهتر مستقبل جا بنياد رکڻ واري موقعي کي برباد ڪرڻ واري ڏوهه جي آهي، جنهن لاءِ سنڌ واسي پيپلز پارٽيءَ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. سگهارين ڌرين کي اهو موقعو پيپلز پارٽيءَ پاڻ فراهم ڪيو آهي. ٻئي طرف هن وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪردار سبب عوام ان مان ايترو بيزار ٿي چڪو آهي، جو پ پ جي سڏ تي اسٽيبلشمينٽ خلاف جنگ ته پري هڪل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان ان ڪري وڙهي سگهندي هئي، جو ان کي عوام خاص طور تي سنڌ واسين جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل هوندي هئي. هينئر پيپلز پارٽي پنهنجا رشتا سنڌ جي عوام سان ٽوڙي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ڪمايل ملڪيتن سان جوڙيا آهن. نتيجو اهو آهي، جو اڄ سنڌ واسي ماٺ ڪري پاسيرا ٿي ويهي رهيا آهن. ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي پيپلز پارٽيءَ جي ان اميج جو چڱيءَ طرح پتو آهي، تنهن ڪري کين اڳواڻن جي سياسي بيانن جي ڪا به پرواهه ناهي رهي. سياسي جماعتون عوام جي ڪِلي تي ڪُڏنديون آهن، جڏهن ڪا ڌر ان ڪِلي کان محروم ٿي وڃي ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪُڏائيندي آهي. ڪجهه نيڪ نيت دوستن جو خيال آهي ته ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف اکر به نه ڪُڇجي، ڇو ته ان سان سنڌ ۾ ڪارروائي ڪندڙ ايجنسين ۽ سگهارين ڌرين لاءِ ڪارروائيءَ جا جواز پيدا ٿيندا ۽ ملڪ مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي سگهي ٿي. ان ڳالهه ۾ پنهنجي جاءِ تي وزن آهي، پر سوال اهو آهي ته ان ڊپ کان سياسي ڌرين جي ڪُڌن ڪرتوتن تي ڪجهه به نه ڪُڇجي، جو اها جمهوريت سان دشمني ٿيندي؟ پهرين ڳالهه ته سياسي ڌرين جي عوام دشمن ڪرپشن ۽ بدترين حڪمرانيءَ کي جمهوريت سان بنهه نه ڳنڍڻ گهرجي. هن وقت ملڪ مٿان جيڪا حڪمراني آهي، ان کي وڌ ۾ وڌ چونڊيل حڪومت چئي سگهجي ٿو، پر ان ۾ جمهوريت جي بنيادي وصف پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. جمهوريت رڳو ووٽ ڏيڻ ۽ پارليامينٽ ۾ اجلاس ڪرڻ جو نالو ناهي. عام شهريءَ لاءِ جمهوريت جو مطلب آهي تحفظ، انصاف ۽ سماجي خدمتون. سنڌ جي ڪروڙين پورهيتن، هارين ۽ وچولي طبقي جي غريب ماڻهن لاءِ جمهوريت رڳو هڪ رُڃ بڻجي وئي آهي. موجوده جاگيرداراڻي بي لغام راڄ کي ڪهڙي به طرح جمهوريت نه ٿو چئي سگهجي. ٻي ڳالهه ته ڀلا هڪ گهڙيءَ لاءِ مڃون به کڻي ته اها جمهوريت آهي ته ان کي دشمن قوتن کان محفوظ رکڻ جي پهرين ذميواري ڇا ان پارٽي ۽ قيادت جي ناهي، جنهن کي جمهوريت جي نالي تي عوام ڳائي وڄائي تخت تي ويهاري ٿو. اهي جمهوري قدرن جي ڏينهن رات لتاڙ ڪندا رهن، پر جڏهن انهن جي ڪُڌن ڪرتوتن تي ڪو ايڪشن کڄي ته عوام کي چئجي ته سندن مخالفت نه ڪريو، ڇو ته فلاڻيون طاقتون ان کي بنياد بڻائي وري قبضو ڪري وٺنديون. عوام سان اهڙي بليڪ ميلنگ لاءِ دليل ڏيڻ وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي ماضيءَ جو رڪارڊ اهو به ٻُڌائي ٿو ته اهي جڏهن سنڌ مان پيپلز پارٽيءَ کي پاسيرو ڪنديون آهن ته ان جاءِ تي ان کان بدتر ڌرين جو راڄ لاڳو ڪرائينديون آهن. ماضيءَ ۾ اهڙا مثال لڳاتار نظر آيا، جو پيپلز پارٽي حڪومت جو انت آڻي، اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پراڻن وفادارن جا ٽولا سنڌ تي مڙهيا، انهن سنڌ سان اهڙا ناحق ڪيا، جو سنڌ واسين کي وري به پيپلز پارٽي وٽ پناهه ڳولڻي پئي. ماضيءَ جي ان رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي هڪ رايو اهو به ڏنو پيو وڃي ته پ پ جي هن وقت تي مخالفت نه، پر حمايت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان سنڌ مٿان وري وڌيڪ بدترين راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو. اهو خدشو ماضيءَ جي تجربن جو نتيجو آهي، جنهن کي مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي، پر ان کي بنياد بڻائي، پيپلز پارٽي پاران سنڌ سان جاري ناحق تي چَپ سبي ويهڻ ۽ ان جي ڪرتوتن کي پڌرو ڪرڻ جو مطلب آهي ته ان کي سنڌ جي مڪمل برباديءَ جو لائسنس ڏئي ڇڏجي. ارباب رحيم سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي ته کيس ملامت ڪجي، پر ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون لاءِ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ڏيهي پرڏيهي بلڊرز جي حوالي ڪري ڇڏجي ته ان جي ڪا به مخالفت نه ڪجي. ارباب رحيم حيدرآباد ضلعو ورهائي ته ان تي هر طرح جي ملامت ڪجي، پر پ پ حڪومت عملي طور سنڌ ورهائڻ وارو مڪاني نظام آڻي ۽ سندس اتحادي روز الڳ صوبي جا اعلان ڪن ته کين ڪجهه نه چئجي، جو متان جمهوريت جو نقصان ٿي پئي. منهنجي راءِ ۾ سنڌ جو مفاد هر پارٽي، نظريي، اڳواڻ ۽ جمهوريت کان اُتم آهي. جيڪا جمهوريت سنڌ جي ورهاڱي ۽ شهرن ۾ لکين ڌارين جي آباديءَ لاءِ رستا هموار ڪري، اها ڪهڙي به طرح آمريت کان گهٽ خراب ناهي. اڳواڻن جي امڪاني گرفتاريءَ خلاف جنگ جا سڏ ڏيندڙ همراهه اهو چئي چڪا آهن ته ذوالفقار آباد جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو اچي رهن ته ان ۾ ڪا به خراب ناهي.
سنڌ واسين کي جمهوريت جي نالي ۾ ان سنڌ دشمن راڄ جي هرگز حمايت نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ کين هٽائي، انهن کان بدتر ماڻهو سنڌ مٿان لاڳو ڪيا ته سنڌ واسين کي پنهنجي مزاحمتي جدوجهد کي ساڳي طرح جاري رکڻ گهرجي. سنڌ جي مفادن جو تحفظ لڳاتار جدوجهد ۾ آهي، ان لاءِ ڪنهن ڌر يا حڪومت جي سنڌ دشمن ڪردار جي مخالفت کان ڪيٻائڻ نه گهرجي. سنڌ اڳ به ضياءَ شاهي، ڄام شاهي ۽ مشرف شاهيءَ جي مزاحمت ڪئي هئي ۽ آئيندي به ڪري سگهي ٿي. سنڌ واسين کي گهرجي ته پنهنجو رت ست ۽ توانائي ڪرپٽ ٽولن جي حڪومتن بچائڻ بجاءِ سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ بچائي  رکن. اسٽيبلشمينٽ کي اهو چٽو نياپو ڏجي ته اسان دهشتگردن ۽ ڪرپٽ ٽولن جي اتحاد کي نه جمهوريت جي نالي ۾ قبول ڪنداسين ۽ نه انهن کي هٽائي، کانئن بدتر ڪردار رکندڙ ڌرين جي اڳيان ماٺ رهنداسين. سنڌ واسي جيستائين سنڌ جي مفادن کي پارٽين ۽ نظامن کان مٿانهون نه رکندا، مختلف ڌريون کين ڪي نه ڪي ڊپ ڏئي، بليڪ ميل ڪنديون رهنديون. ڪرپشن، اقرباپروري ۽ خراب حڪمرانيءَ جي مخالفت کي جمهوريت جي مخالفت يا اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سمجهڻ وارو رويو غير منطقي آهي ۽ ان جو فائدو رڳو سماج جون ويري طاقتون ئي وٺنديون. سڄي سنڌ کي مال غنيمت جيان لُٽيندڙ ڀوتارڪو ٽولو سنڌ جي برباديءَ کي جمهوريت جو مقدس چوغو اوڙهائي سماج جو رت پيئڻ واري ڪارروائيءَ کي تسلسل ڏيڻ گهري ٿو. سنڌي سماج جي جيڪا بربادي گذريل ستن سالن ۾ ٿي آهي، ان کي روڪڻ جا سمورا جمهوري دروازا هن وڏيرڪي نظام ۾ بند ڪيل آهن. حڪمرانن پاڻ پنهنجا افعال نه سُڌاري موقعي جو فائدو وٺندڙ قوتن کي مداخلت جو موقعو ڏنو آهي، تنهن ڪري سڀاڻي چونڊيل حڪومت يا سويلين راڄ کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته ان جي ذميواري به انهن پارٽين ۽ سندن اڳواڻن تي ئي لاڳو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جيان پيپلز پارٽيءَ کان به بدتر وڏيرڪو وفادار ٽولو سنڌ مٿان مڙهيندي ته سنڌ واسين وٽ به جدوجهد جو آپشن کُليل رهندو. البته ان ڊپ کان قيادت تائين پيپلز پارٽي کان پُڇاڻو معاف رکڻ سان جمهوريت جي ڪا به خدمت نه ٿيندي. باقي رهيو وفاق جو سنڌ سان بنگالين وارو ورتاءُ ته اهو ڪو ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کانپوءِ شروع نه ٿيو آهي، اهو ورتاءُ شروع کان هلندڙ آهي ۽ پيپلز پارٽي ان ۾ پاڻ به برابر جي شريڪ رهي آهي. بنگال جا وسيلا عوامي ليگ نه، پر اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ ڦريا هئا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گذريل ستن سالن دوران ان ڪم ۾ اسلام آباد کان به گوءِ کڻي وئي آهي. اڄ رينجرز جيڪڏهن دهشتگرديءَ جي الزامن هيٺ 90 ڏينهن جو رمانڊ وٺي، سياسي اڳواڻن کي واڙي رهي آهي ته اهي اختيار به پاڻ پيپلز پارٽي جي حڪومت رڳو ڪجهه هفتا اڳ رينجرز کي ڏنا هئا. پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ فوجي عدالتن جي قيام لاءِ به پيپلز پارٽي جي قيادت پاڻ اڳيان هئي. جڏهن انساني حقن جا ادارا ۽ ٻيون سياسي ڌريون انهن قانونن جي مخالفت ڪري رهيون هيون، تڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پنهنجي اڳواڻن جي اختلاف راءِ کي به مان نه ڏنو ۽ انهن قانونن جي حمايت ڪئي. پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ کان پوءِ جنگ جا اعلان ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. ڊاڪٽر عاصم جهڙن ماڻهن جون سنڌ ۽ جمهوريت لاءِ ڪهڙيون خدمتون آهن، جو سنڌ واسي هن لاءِ رستن تي نڪرندا. البته جيڪڏهن پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جي قومي مفادن لاءِ ٽڪراءَ ۾ آيل هجي ها ته سنڌ واسي ان جي سڏ کانسواءِ جنگ لاءِ نڪري پون ها. باقي ٻنهي هٿن سان سنڌ کي لُٽي برباد ڪري پنهنجي ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ جي ڪاروبار کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ کي بنياد بڻائڻ وارو پراڻو کيڏ هاڻي کيڏڻ مشڪل آهي.
سنڌ واسين جي نجات ان ۾ آهي ته مفاد پرست پارٽين جي ڪرتوتن تي پردو رکڻ بجاءِ سڌي طرح سنڌ جي سياسي ۽ معاشي مفادن کي هر بحث جو بنياد بڻائين. اڳي پوءِ سنڌين کي پنهنجي صفن مان ڪا اهڙي عوام دوست طاقت اڀارڻي پوندي، جيڪا سنڌ جي مفادن کي مٿانهون رکڻ واري سياست ڪري. اهڙي ڌر ئي سنڌ واسين جي جائز مفادن جي تحفظ لاءِ اقتداري پارٽين سان لهه وچڙ ڪري، سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگهندي. جدوجهد جو سفر ڊگهو، اڙانگو ۽ ٿَڪائيندڙ آهي، پر ان کان سواءِ ڪا ٻي واهه به ناهي.

تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارو تحرڪ ۽ چونڊ سڌارن جو سوال!

    
تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارو تحرڪ ۽ چونڊ سڌارن جو سوال!

خميس 30 جولاءِ 2015ع  - ڪاوش
جڊيشل ڪميشن جي فيصلي جا ڪيترائي پاسا اهڙا آهن، جن کي سامهون رکي چونڊن جي طريقي ۽ ان جي عمل ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جي ضرورت آهي. هي اُهي تبديليون آهن، جن جي ڪيترن ئي سالن کان ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي. بظاهر لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن انهن سُڌارن ۽ تبديلين لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. حڪومت توڙي پيپلز پارٽي چاهين ها ته عمران خان جي ڌرڻن بعد انهن سڌارن تي ڪم شروع ڪري ڇڏين ها، پر اهي جڊيشل ڪميشن جي فيصلي جي انتظار ۾ رهيون. سمورين سياسي ڌرين ۽ تجزيه نگارن جو تڏهن عمران خان تي زور هو ته هو چونڊن ۾ هيرا ڦيري واري ڳالهه کي ماضيءَ جو قصو ڪري ڇڏي ڏي ۽ ان جي بدران فيوچرسٽ ٿي، ايندڙ وقت جون چونڊون انصاف ڀريون ۽ شفاف ڪرڻ واري ڳالهه تي بيهي وڃي ته اهو سندس ملڪي سياست توڙي تاريخ ۾ وڏو ڪنٽري بيوشن ٿيندو، پر ڪپتان اها ڳالهه نه مڃي ۽ هاڻي جڏهن جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن جو فيصلو آيو آهي ته ان جو عملي پهلو اهو ئي آهي.
ڪميشن جي ان فيصلي عمران خان جي مطالبي کي وڏو ڌڪ رسيو، ڇاڪاڻ جو منظم ڌانڌليءَ جو الزام ثابت نه ٿي سگهيو، پر ان مان اهو مطلب ڪڍڻ درست نه ٿيندو ته عمران خان ڪو ماڳهين انهيءَ مطالبي ۽ الزام تان هٿ کڻي ويو آهي، پر هو اڃا تائين ان غلط فهميءَ مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. جيتوڻيڪ هو چوي ٿو ته، هن جڊيشل ڪميشن جو فيصلو قبول ڪري ورتو آهي، پر عملي طرح ائين ڪو نه ٿو لڳي. سندس چوڻ آهي ته، ”ڪميشن جو فيصلو اڌورو ۽ اڻپورو آهي.“ ڪميشن اليڪشن واري عمل ۾ ڪيترائي نقص ڄاڻايا آهن، پر عمران خان جي ان الزام کي بنهه رد ڪري ڇڏيو آهي ته منظم ڌانڌلي ٿي هئي. ان رپورٽ بعد تحريڪ انصاف اندر مايوسي فطري ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ جو گذريل هڪ سال کان عمران خان جي سياست جو محور هڪ نقطو هو ته 2013ع وارين چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، ان ڪري وچين مدي واريون چونڊون ٿيڻ گهرجن، پر وچ مدي وارين چونڊن جو گهوڙو مري چڪو آهي. هاڻي سياست ۾ پاڻ کي جوڙي رکڻ ۽ پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ نئين اپروچ ۽ نئين بيانيه جي ضرورت آهي. اهڙي اپروچ جنهن سان پارٽيءَ جي صفن ۾ مضبوطي رهي. ساڳئي وقت تي ٻين پارٽين ۽ ملڪ جي سياسي نظام توڙي حالتن سان ٺهڪندڙ رهي. عمران خان جي پارٽيءَ جي ايتري مقبوليت آهي، جو اها جيڪڏهن نئين اپروچ ۽ بيانيه ڏئي ته واپس پيرن تي بيهي سگهي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ايف) ۽ ڪجهه ٻيون جماعتون انهي چڪر ۾ آهن ته اسيمبليءَ کان ڪيترائي مهينا غير حاضر ۽ پري رهندڙ تحريڪ انصاف جي ميمبرشپ ختم ڪرائين، اهڙو ٺهراءُ به اسيمبليءَ ۾ آندو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ (ايف) جيڪڏهن تحريڪِ انصاف جي خلاف آهن ته ان جو هڪ خاص پسمنظر آهي. ايم ڪيو ايم ڏسي پئي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن سبب اهي ڪمزور ٿين ٿا ۽ انهن جي ڪمزور ٿيڻ سبب جيڪو خال پيدا ٿيندو، ان کي ڀرڻ جي هن وقت اهليت فقط تحريڪِ انصاف ۾ آهي. اها ڳالهه گذريل چونڊن ۾ اهي اکين سان ڏسي چڪا آهن. متحده کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي توڙي جو سنڌ جي وڏي پارٽي آهي، پر اها متحده جو خالي ٿيل خال ڀرڻ جي اهليت نٿي رکي. ڏئي وٺي انهن (پيپلز پارٽي) وٽ لياريءَ جو جيڪو ڪنٽرول هو، سو به هاڻي انهن جي هٿن مان نڪري ويو آهي. ان سان گڏ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جي لحاظ کان جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ به تحريڪِ انصاف کليل نموني سان متحده کي سياسي طور تي نشاني تي رکيو آهي. جيستائين جي يو آءِ (ايف) جو تعلق آهي ته ان پارٽيءَ جو خيبر پختونخوا جي سياست ۾ جيڪا روايتي حصيداري رهي آهي، ان کي به تحريڪِ انصاف ڪافي جهڪو ڪيو آهي، ان ڪري مولانا فضل الرحمان هاڻوڪين چونڊن کان پوءِ لاڳيتو نواز ليگ جي ويجهو رهيو آهي. جڏهن پي ٽي آءِ ڌرڻو هڻي ويٺل هئي، تڏهن به مولانا فضل الرحامن اها تجويز ڏني هئي ته جيئن پي ٽي آءِ وفاقي حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻي آهي، تيئن چو نه خيبر پختونخوا ۾ انهن جي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪجن، ۽ عدم اعتماد جي رٿ آڻجي. پر نواز ليگ ان وقت ڪنهن نئين مصيبت ۾ نه پئي وڃڻ چاهيو، بحران کي وڌيڪ تيز نه پئي ڪرڻ چاهيو، ان ڪري نواز شريف پاران مولانا صاحب جي اهڙي تجويز جي حوصلا افزائي نه ڪئي وئي هئي. اڳوڻي نواز شريف ۽ هاڻوڪي نواز شريف ۾ اهو فرق آهي، جو اڳوڻو نواز شريف تڪڙو ٽڪراءَ ۾ هليو ويندو هو ۽ بحران وڌندا هئا، پر هاڻوڪي نواز شريف ڄڻ ته زرداري کان گهڻو ڪجهه سکيو هجي، ۽ مسلسل عملي طور تي ”مفاهمت“ واري پاليسيءَ تي هلي رهيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو ڪالهه به هن پارلياماني پارٽين جو اجلاس گهرائي متحده توڙي جي يو آءِ (ايف) کي درخواست ڪئي ته اهي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل ٺهراءَ واري اپيل واپس وٺن.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان ڏس ۾ ڪا به تڪڙ نه ٿيون ڪرڻ گُهرن. جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي اسيمبلين مان ڊي سيٽ ڪيو وڃي ٿو ته ان جو فائدو پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي نه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ جو پنجاب ۾ جيڪا به ڇوٽي چونڊ ٿي آهي، اها تحريڪ انصاف کٽي آهي. ائين نواز ليگ وڃايو آهي، پيپلز پارٽي کي ڪو فائدو ملي نه سگهيو آهي. مطلب ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اُکڙڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ اهو ٿيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ بعد پيپلز پارٽي ڇڏي، پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو جهڪو ٿيو آهي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي اسيمبليءَ مان نيڪالي ملي ٿي ته نين چونڊن ۾ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجڻ ڪري، جي يو آءِ (ايف) ۽ اي اين پي کي ڪجهه فائدو ملي سگهي ٿو، شايد ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي. نواز ليگ لاءِ اهو صفا گهاٽي جو سودو ٿيندو، هڪ ته چونڊون نه کٽڻ ڪري اُن جي پت وائکي ٿيندي. ساڳئي وقت عمران کي کيڏڻ لاءِ بال ملي ويندو ۽ هو هڪ دفعو وري هيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. هڪ اهڙي جماعت، جنهن جي هڪ صوبي ۾ حڪومت هجي ۽ ملڪ جي ٻئي صوبي ۾ قومي اسيمبليءَ جون ڳپل سيٽون هجن ۽ اُتي ڪنهن حد تائين ماس بيس به موجود هجي، ان کي اسيمبليءَ مان خارج ڪرڻ ڪو سٺو عمل نه ٿيندو. هن وقت عمران خان ته چاهي ٿو ته کيس ڪو اهڙو اشو ملي، جنهن جي بنياد تي هو پنهنجو نئون مطالبو، نئون نعرو جوڙي ماڻهن تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪري. مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته تحريڪ انصاف سمورين ڪوتاهين باوجود هڪ اهم سياسي قوت آهي، جنهن کي خاص ڪري نوجوانن ۽ پڙهيل لکيل وچولي طبقي ۾ حمايت حاصل آهي، جيڪي تبديليءَ جي نعري سبب هن پارٽيءَ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا آهن. عمران خان کي اها پوزيشن ان ڪري به ملي، جو پيپلز پارٽي ملڪ اندر خاص طور پنجاب ۾ نواز ليگ کي وڏو چئلينج ڪندڙ نه رهي. ان جي سياسي طور نواز ليگ سان ڳجهي اتحاد ۽ پنجاب ۾ مضبوط تنظيم ڪاري ۽ اثرائتي ليڊرشپ جي نه هجڻ ڪري به اها جاءِ تحريڪ انصاف کي ملي.
اهو صحيح آهي ته عمران خان جي سياست ۽ سوچ ۾ ڪيترائي تضاد آهن. هڪ پاسي تبديليءَ جو نعرو ٿو هڻي ته ٻئي پاسي وري پراڻ پرست سياسي سوچ جو دفاع ڪندڙ آهي، سندس پاڪستان تحريڪ طالبان سان همدرديون آهن. اهي ڳالهيون جديد قدرن ۽ شهري وچولي طبقي جي سوچ سان ٽڪراءَ ۾ اچن ٿيون. اهي ڳالهيون جيتوڻيڪ اڳ به هيون، پر ٻن ڳالهين ان تي پردو رکيو هو. هڪ عمران جي ڪرشماتي شخصيت/ ليڊرشپ (جيئن ان کي پيش ڪيو ويو) ۽ ٻيو اهو ته هو تبديلي آڻي سگهي ٿو. پراڻي سياسي ليڊرشپ ۽ کيپ مان جند ڇُٽي ٿي، جتي هاڻي ڪلوزڊ ڪلب بڻجي چڪا آهن. هتي ان ڳالهه کي وسارڻ نه گهرجي ته جيئن جيئن عمران خان جي مقبوليت وڌي، ڪيئي موقعي پرست سياستدان تحريڪ انصاف ڏي وڌڻ لڳا. نتيجي ۾ تحريڪ انصاف کڻي اقتدار کي ويجهي آئي، پر ان جو ”تبديلي“ آڻڻ وارو رنگ هلڪو ٿيو. جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ ٿورو فرق هجي ها ته ڪيترائي اسيمبلي ميمبر ٿيڻ جا خواهشمند تحريڪ انصاف جو پاسو وٺي چڪا هجن ها. ائين هيءَ پارٽي ڄڻ روايتي پارٽين يا ”پراڻن پاپين“ جي گس تي نڪري پئي هجي ها..
جڊيشل ڪميشن جي فيصلي وقتي طور نواز شريف تان لٽڪندڙ تلوار هٽائي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جي آيل الزامن ۽ ان جي مک ليڊرشپ جي پرڏيهه هليو وڃڻ به نواز ليگ لاءِ پنجاب توڙي قومي سطح تي سهولت پيدا ڪئي آهي، پر خراب حڪمراني، ماڻهن کي ڪو رليف نه ملڻ، توانائيءَ جو بحران، ڊگهي مدت وارين معاشي تبديلين جي رٿابندي نه هجڻ، صوبن سان ڪاروهنوار خود وڏا چئلينج آهن، جن کي مُنهن ڏيڻ، حل ڪرڻ ۽ نڀائڻ نواز شريف ۽ سندس ٽيم جي وس جي ڳالهه نه ٿي لڳي.
طالبان وارو معاملو نئين شڪل ۾ ڦاٽ کائي سامهون اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن تڪڙ ۾ نواز شريف ڪا غلطي نه ٿو ڪري ته کيس رليف جو وقت 6-8 مهينن جو آهي. ڪالهه لشڪرِ جهنگويءَ جي بانيءَ جي مارجڻ واري واري خبر به وڏي آهي. توڙي جو انتها پسندن خلاف ڪارروايون تيز آهن، ۽ انهن کي ڪنهن حد تائين شڪست به ڏني وئي آهي، پر اڃا اهي مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيا. اهڙي قسم يج ڪارراويئن کان پوءِ انهن جا بچيل پوئلڳ لازمي طور تي ڪو ردِعمل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن چئلينج کي منهن ڏيڻ به نواز شريف سرڪار لاءِ وڏو ٽاسڪ بڻجندو.

نيب جي ”اختيارن“ جو دائرو ۽ ڪرپشن جا قِصا -- ڪاوش

نيب جي ”اختيارن“ جو دائرو ۽ ڪرپشن جا قِصا
جمع 10 جولاءِ 2015ع - ڪاوش
سنڌ ۾ ڪرپٽ آفيسرن خلاف نيب جي ڪاررواين تي صوبائي حڪومت اعتراض پئي ڪيا، پر انهيءَ احتساب بيورو سپريم ڪورٽ ۾ ڏيڍ سئو ماڻهن جي لسٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف، وزير اعلى پنجاب شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي ٻن اڳوڻن وزير اعظمن ۽ آفتاب شيرپائو سميت ڪيترن ئي مکيه شخصيتن جا نالا هئا. هڪ رٽائرڊ جنرل جو نالو به هو، جنهن ريلوي بورڊ جي سربراهه هوندي، ريلوي جي زمين ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪئي هئي. ان لسٽ بعد اهو تاثر پيو ملي ته نيب رڳو سنڌ ۾ نه، پر وفاقي ادارن ۾ به ڪرپشن خلاف قدم کڻي رهي آهي. هن لسٽ تي وفاقي حڪومت کي به پريشاني آهي، جو نواز ليگ جي قيادت سوڌو ڪجهه ٻيا نالا به آهن. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ هن لسٽ کي اڻپورو سڏيو آهي ۽ ڪجهه وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن. لسٽ ۾ ڏنل اڪثر نالا وفاق سان تعلق رکن ٿا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي صوبائي عهديدار ان ۾ شامل آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ان تي شديد ردعمل ڏيکاريو آهي سندس چوڻ آهي ته، ”ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل هي ادارو سياستدانن جا پٽڪا ڌوڙ پيو ڪري ۽ کين بدنام پيو ڪري.“ ماضيءَ جي تجربي ۾ ڏٺو وڃي ته پرويز رشيد جي ان ڳالهه ۾ وزن لڳي ٿو.
مختصر نموني واري هن لسٽ ۾ ”جوابدار“ جو نالو ڪرپشن جو الزام يا قسم جو تت ۽ گهوٻين واري رقم جو انگ ڏنل آهي. ڪيئي ڪيس اهڙا آهن، جيڪي 10 سال يا ان کان اڳ جا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته اهي ڪيس ڏهه پندرهن سال بنا ڪارروائي ۽ جاچ ڪرڻ جي التوا ۾ رکيا ويا، انهن خلاف تحقيقات ڇو نه ٿي؟ اهو سوال عدليه به پُڇي ٿي ۽ عوام به. پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ اهي عدالتن ذريعي نه نبيرڻ جي پنهنجي تاريخ آهي، انهن ڪيسن کي بنياد بڻائي سوديبازي ۽ سمجهوتي بازي ٿيندي رهي. سياسي فائدا ۽ حمايت حاصل ڪئي وئي. من پسند طريقي سان چند ماڻهن خلاف ڪرپشن جي الزام ۾ جاچ ڪئي ويندي هئي، بعد ۾ سوديبازي ڪري اها تحقيقات ۽ ڪيس ختم ڪيا ويندا هئا. ائين به ٿيندو رهيو ته ورهين تائين اهي ڪيس ڪورٽ جي شنوائين ۾ ٽنگيل رهيا. نيب جو دائره اختيار الائجي ڪيترو آهي؟ پر هڪ ڳالهه چٽي آهي ته ان ۾ سواءِ هڪ رٽائرڊ جنرل جي عسڪري ڌر جي ڪنهن به ماڻهوءَ جو نالو ڪونهي. نه ته نيوي جي هڪ اڳوڻي ايڊمرل ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي سوين ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڇڏي هئي. اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ رٽائرڊ جنرل هن ٽرسٽ جي اربين رپين جي قيمتي جائيداد وڪي. هي اهي واقعا آهن، جيڪي هفتن تائين ميڊيا ۾ هلندا رهيا هئا. باقي ڪيئي اهڙا واقعا آهن، جن جي توهان کي اسان کي ڪا خبر ئي ناهي. ٻيون ڳالهيون ڇڏيو، اصغر خان ڪيس وڏي اهميت رکندڙ آهي، جنهن بابت گهربل دستاويز يا ثبوت به آهن. ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ٽن جنرلن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو هو، انهن خلاف سول توڙي فوجي اداري طرفان ڪنهن ڪارروائي جي اڃا تائين ڪا خبر ميڊيا تائين نه آئي آهي، بجاءِ ان جي جو سمورن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪيس کڻڻ جو مطلب ڪن کي ڍر ڏيڻ ۽ بچائڻ ته ڪن کي ڦاسائڻ آهي. جنرل مشرف جڏهن نواز شريف جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هن شروع وارن ڏينهن ۾ ڪرپشن جا ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ ڇا ٿيو؟ هو ان سياسي طبقي سان گڏ وڃي بيٺو، جنهن کي هن ڪرپٽ سڏيو هو يا جنهن خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيل هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ قاف ليگ ۽ ان جي قيادت کي ڪرپشن کان پاڪ ۽ صاف هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي، جيڪي جماعتون ۽ سياستدان قاف ليگ جي دروازي تائين نه ويا، تن جا ڏوهه ۽ گناهه ڌوپجي نه سگهيا. هو يا جاچ وارن ادارن يا وري ڪورٽ جي حاضرين جا چڪر ڪاٽيندا هئا. نيٺ ڳالهه اُتي وڃي ٽوڙي وئي، جڏهن سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اين آر او جاري ڪيو. اين آر او ڄڻ گنگاجل هو، جنهن ۾ ڪرپشن جي گند سان ڀريل سمورا همراهه صاف سٿرا ٿي ويا، ڄڻ مٿن ڪو الزام ئي نه هو. هو اين آر او ذريعي پنهنجا پراڻا گناهه بخشرائي نوان ڏوهه ڪرڻ جهڙا ٿي ويا.
نيب جي لسٽ ايتري ڊگهي ڇو آهي؟ حالانڪه ڪي تجزيه نگار ان کي بنهه ننڍي لسٽ پيا سڏين. ڊگهي لسٽ مان مطلب اهو آهي ته ڪيترائي پراڻا ۽ پينڊنگ ۾ پيل ڪيس ڇو آهن؟ اهي وقت سر ڇو نه اُڪلايا ويا؟ اصل ۾ ڪرپشن جي معاشري ۾ هڪ سياسي نعرو ۽ اصطلاح بڻجي ويو آهي، جنهن جي ذريعي مخالفن کي بدنام ڪري سگهجي ٿو، انهن کي دٻائي ۽ بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو يا انهن کي سياست کان ٻاهر ڪري سگهجي ٿو. ايوب خان ”ايبڊو“ ذريعي سياستدانن کي سياست کان پري ڪيو، بعد ۾ جنرل ضياءَ ”پهرين احتساب پوءِ انتخاب“ جي نعري کي مڃتا ڏني ۽ ان جي آڙ ۾ چونڊون ڪرائڻ کان لنوائيندو رهيو، انهن ٻنهي آمرن جي احتساب جو نتيجو تاريخ جو حصو آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه بحث جوڳي نه رهي آهي ته انهن احساب جو نعرو ۽ عمل ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. هو دراصل غير آئيني ۽ غير قانوني طور حڪومت ۾ اچڻ کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ نئون قانون ۽ نئون رستو جوڙي رهيا هئا. هو نوان سياسي بروڪر به پيدا ڪري رهيا هئا ته جيئن پراڻين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن مان جند ڇڏائين، ان لاءِ انهن عام چونڊون نه ڪرايون پر مڪاني چونڊون ضرور ڪرايون. سندن مقصد نون سياسي بروڪرن وسيلي عوام جي هڪ طبقي جي حمايت حاصل ڪرڻ هو.
سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل فهرست تي ڪنهن ماڻهوءَ کي تعجب ناهي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ سياست کي بگاڙڻ ۽ ان کي مخصوص شڪل ڏيڻ ۾ ڪرپشن جو وڏو رول رهيو آهي. ستم ظريفي اها آهي، جو ڪرپشن جا جيڪي الزام لڳايا وڃن ٿا، انهن لاءِ دهل گهڻو وڄايو ويندو آهي.  اهي عام ماڻهن ۽ ميڊيا تائين ضرور پهچن ٿا، پر عدالتن تائين نه ٿا پهچن، جتان سزائون اچي سگهن. چند مثال بڻجي سگهن ۽ ڪرپشن بطور نظام جي سياست، حڪومت، انتظاميه ۽ هيٺين سطح تي رائج نه ٿي سگهي، پر ڪرپشن جا اهي الزام توڙي ڪيس منطقي انجام تائين نه ٿا پهچن. اهو ڪم نه ڪا حڪومت ڪرڻ گهري ٿي ۽ نه ئي نيب، ڇاڪاڻ جو اهي ڄاڻن ٿا ته انهن جو اڪلاءُ عدالتن ۾ نه، پر سياست ۾ ٿيندو.
نيب ان لاءِ جوڙي وئي هئي ته ان ذريعي ڪرپشن جو خاتمو ايندو ۽ ڪرپشن جو ٽوڙ ٿيندو. اهو سڀ تڏهن ٿيندو، جڏهن انصاف ٿيندو، پر سالن کان ائين نه پيو ٿئي. نتيجي ۾ هي ادارو اهي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، جن لاءِ قائم ڪيو ويو هو. ڪيترائي جوابدار پلي بارگيننگ جي ذريعي ڦٻايل رقم مان ڪجهه رقم ڀري بري ٿي وڃن ٿا. هن عمل سان ٻٽو پيغام ملي ٿو يعني ڪرپشن ڪندا رهو، جيڪڏهن پڪڙجي پئو ته گهوٻيون هنيل رقم مان حصو پتي واپس جمع ڪرائي صاف سُٿرا ٿي، معززن جي لسٽ ۾ اچي وڃو. ان رقم جي ادائگيءَ بعد نه ڪا سزا آهي، نه ڪا پينلٽي يعني ان سان ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران ڄڻ ان ۾ واڌ اچي رهي آهي.
دراصل هڪ مضبوط پيغام، سو به موثر طريقي سان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪرپشن ختم نه ٿيڻ ڪري ماڻهن جي مصيبت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. نيب جو تازو قدم سٺو به لڳي ٿو، پر ڊپ به ٿئي ٿو ته ڪٿي اهو سويلين اختيارين کي وڌيڪ دٻائڻ جو اوزار ته ناهي.
ماڻهن کي شڪ آهي ته هن ڀيري به ماضيءَ جي ڪهاڻي ته نه پئي دهرائي وڃي ته انهن الزامن کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ته استعمال نه ڪيو ويندو؟ ڪو نئون اين آر او ته نه ايندو يا جوابدارن کي واقعي سزا ملي ويندي؟ معاملو ملڪ جي اعلى ترين عدالتن آڏو آهي. ڏسجي ته عام ماڻهن جي حصي ۾ ڪيترو انصاف اچي ٿو.

Friday, August 21, 2015

ڇا سمجهي ته ”سب خير“ ناهي!؟

    ڪاوش جمع 21 آگسٽ 2015ع

پنجاب جي گهرو کاتي واري وزير شجاع خانزاده جي دهشتگردن هٿان قتل پڪ لاهور ۽ اسلام آباد جي ايوانن کي لوڏيو هوندو، انهن کي الرٽ به ڪيو هوندو ته ملڪ جي هن وڏي صوبي ۾ به صورتحال ”سڀ خير“ واري ناهي. سياسي حڪومت ۽ رياستي ادارن جو رد عمل تڪڙن بيانن جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي، ليڪن اهو رد عمل روايتي لڳي ٿو، انهن ۾ ڪيتري سنجيدگي آهي ان کي عمل جي ڪسوٽي ئي پرکبو. وزيراعظم نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته اها سازش ڪندڙن کي نه ڇڏبو، اهي سزائن کان بچي نه سگهندا. وفاقي گهرو معاملن وارو وزير چوڌري نثار علي چوي ٿو ته نيشنل ايڪشن پلان جاري رهندو. پنجاب جي ڪابينا به هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو آهي، جنهن ۾ شهيد ريٽائرڊ ڪرنل شجاع جي دهشتگردي خلاف ورتل اپائن ۽ ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي ۽ اهو عزم ڏيکاريو ويو آهي ته صوبي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري رهندي.
اهي سڀ ڀليون ڳالهيون آهن، پر ڪا خبر نٿي پوي ته جيڪو ڪجهه چيو پيو وڃي سو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيندو؟ ڪير ڪندو؟ ممڪن آهي ته ايندڙ چند ڏينهن ۾ ڪنهن پريس رليز جي ذريعي ميڊيا کي ٻڌايو وڃي ته جوابدار هوائي حملي يا مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. ها ان ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته اهڙي پريس رليز اچي ته جوابدارن کي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي آهي. اهو سڀ ٺيڪ آهي پر ان سڄي قصي جا اهي آخري منظر هوندا، اهي سوال پوءِ اڻ جوابيل رهندا ته ان جي پويان اصل ڪير هو ۽ پوري ڪهاڻي ڇا آهي؟ ان ۾ ڪهڙا ور وڪڙ آهن، وغيره. ان کان به وڏي ڳالهه اها ته جيڪي ڪجهه پريس رليز ۾ ٻڌايو ويندو سو سرڪاري موقف هوندو جنهن جي تصديق ۽ وڌيڪ وضاحت ميڊيا، ڪنهن ٻي آزاد ڌر يا اداري وٽان ٿيڻ ممڪن نه هوندي.
جيستائين پنجاب جو سوال آهي ته شجاع خانزاده جي شهادت بعد اهو به پڇيو ويندو ته آخر صوبي ۾ نيشنل پلان تي عمل رڪيل ڇو هو؟ حالانڪه اتي به اپيڪس ڪميٽي آهي، پر ان اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرو وزير جي قتل بعد به نه ٿي سگهيو. سرڪاري ۽ عسڪري ذريعا چون پيا ته اتر وزيرستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتتگردن خلاف ڪاررواين ۾ نمايان ڪاميابيون ٿيون آهن، دهشتگردن جي حملن ۾ خود شهري علائقن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي، ڪيترائي دهشتگردي ماريا ويا آهن، انهن جو نيٽ ورڪ ٽوڙيو ويو آهي. پر اوچتو پشاور اسڪول وارو سانحو ٿي ويو ۽ هاڻي وري هي واقعو ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽرين رشيد گوڊيل حملي بعد زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي، هڪ نظر ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ملڪ اندر دهشتگردي جي نيئن لهر اٿي رهي آهي. ملڪ هڪ ڊگهي عرصي تائين دهشتگردن جي نرسري بڻيل رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف قسم، رنگ، فڪر، نسل ۽ مقصد رکندڙ گروپ سرگرم رهيا آهن. انهن گروپن پنهنجي پنهنجي عسڪري قوت کي به سگهارو ڪيو آهي ۽ پاڻ به نيٽ ورڪ جوڙي ورتا آهن، ڇاڪاڻ جو پنجاب جي گهرو وزير جي قتل جي ذميواري طالبان قبولي آهي ۽ چيو آهي ته سندس برادر تنظيم لشڪر جهنگوي جي ليڊر ملڪ اسحاق جي قتل جو پلاند ورتو ويو آهي. سو انهن گروپن پنهنجي نيٽ ورڪنگ سان گڏوگڏ خود اسان جي معاشري ۾ هيٺين مٿين سطح تي سياسي، معاشي، سماجي ۽ فڪري رشتا به جوڙي ورتا آهن، تنهن ڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ڀرپور رٿابندي ۽ گهڻ رخي لڙائي جي ضرورت آهي. تڏهن وڃي انهيءَ دهشتگردي جي جن مان جند ڇٽندي.
شجاع خانزاده جي قتل جو هڪ منظر اهو به آهي. ٻيو پس منظر اهو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ملڪ جي باقي علائقن ۽ صوبن ۾ ڪارروايون ٿي رهيون هيون. آپريشن هلي رهيو آهي پر پنجاب واحد صوبو هو جتي ورلي ڪا ڪارروائي ٿي هجي. جڏهن خيبر پختونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ آپريشن شروع ٿيو ته ويڙهاڪ گروپ اتان نڪرڻ شروع ٿيا ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويا. انهن وٽ ملڪ جي هيٺين حصي ڏي اچڻ جو رستو پنجاب ئي هو. اهي نه رڳو پنجاب جي رستي آيا ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ پکڙجي ويا، بلڪه انهن پنجاب کي به پنهنجو مسڪن  بڻايو. ميڊيا ۾ اهي خبرون شايع ٿينديون رهيون آهن ته انهن ويڙهاڪ گروپن ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙن جو به چڱو انگ شامل آهي. بلڪه ڪي گروپ پنجاب مان ئي پيدا ٿيا  آهن. هڪ زماني ۾ پنجابي طالبان جو اصطلاح به هليو. جيتوڻيڪ پنجاب سرڪاري طور ان جي ترديد ڪئي پر ميڊيا، ڳجها ادارا ان ڳالهه تي قائم رهيا. گذريل عام چونڊن جي موقعي تي به اهڙن گروپن پنجاب جي موجوده حڪمران پارٽي جي مجموعي طور يا ڪن اهم صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي خاص طور حمايت ڪئي. ڪن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي اهڙن ويڙهاڪ گروپن سان رابطن بابت به خبرون ميڊيا ۾ اينديون رهيون. اهو ئي سبب آهي، جو دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺاهيل نيشنل ايڪشن پلان ٺهڻ بعد به اهو خدشو ڏيکاريو پئي ويو ته پنجاب ۾ اهڙي ڪارروائي ڪرڻ نواز حڪومت لاءِ ممڪن ڪونه ٿي لڳي، ڇاڪاڻ جو رڳو معاملو ووٽ بئنڪ جو ناهي بلڪه ان کان به وڌيڪ سياسي حمايت ۽ مخالفت جو به سوال هو. تجزيه نگار ان تي پير کوڙي بيهن ٿا ته نواز ليگ جي سياسي فڪري اساس به مذهبي ۽ ساڄي ڌر واري آهي. ان ڪري اهڙين ڌرين سان ان جي فڪري ۽ سياسي ويجهڙائپ ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه نٿي لڳي. گذريل چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت ۾ هئي، تڏهن دهشتگردي جي هڪ وڏي لهر آئي هئي. ان لهر دوران پنجاب جي وڏي وزير دهشتگردن کي اپيل ڪئي هئي ته اهي پنجاب کي بخشين، ان کان پاسو ڪن. ڄڻ اها ڀائپيءَ ۾ اپيل هئي ۽ پوءِ ٿيو به ائين.
پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون تڏهن شروع ٿيون، جڏهن شجاع خانزاده صوبائي گهرو وزير ٿيو. سندس وزرات جي ڏينهن ۾ ئي ملڪ اسحاق جيڪو انتظاميه، حڪومت ۽ سياستدانن لاءِ ڄڻ وڏي دهشت بڻيل هو، ان کي مقابلي ۾ سندس 12 ساٿين سان گڏ ماريو ويو. شجاع خانزاده جي قتل بعد اهي معاملا ڪنهن حد تائين سامهون آيا آهن ته هن نيشنل ايڪشن پلان کي عمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور حڪمت عملي ٺاهي هئي، تنهن ڪري سندس قتل رڳو ملڪ اسحاق ۽ ان جي ساٿين جي پلاند طور ناهي، بلڪه ان پوري حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ڄڻ پنجاب ۾ روڪڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو حڪمران جماعت کي پنهنجي ڳڙهه صوبي پنجاب ۾ اڃان تائين ڪو اهڙو ماڻهو ملي نه سگهيو آهي، جيڪو شجاع خانزاده جي جڳهه ڀري سگهي. ڇا صوبائي حڪومت دهشتگردن خلاف منظم ڪارروائي لاءِ وڏي چئلينج کي منهن ڏيندي يا سنڌ وانگر ان کي رينجرس يا فوج جي ضرورت پوندي؟ خدشو آهي ته جيڪڏهن هاڻي پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ڪٿي اهو صوبو دهشتگردن لاءِ محفوظ ٺڪاڻو نه بڻجي وڃي.
سنڌ بلڪه پنجاب جي اهل فڪر ماڻهن جو خيال آهي ته ملڪ جي هن وڏي صوبي ۾ ساڄي ڌر جو فڪر سياسي طور حاوي ٿي ويو آهي. لبرل روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر پنهنجي جڳهه وڃائي ويٺو آهي. انهيءَ ساڳي ڌر جي فڪر جي گروپن جا پاڻ ۾ تضاد ۽ هڪ ٻئي کي آڻ مڃائڻ يا ”تون وڏو يا مان وڏو“ جا تڪرار ۽ معاملا به آهن، انهن جون قربتون آهن ته وري رقابتون به آهن. هي هڪ وڏو پاسو آهي، جنهن کي هن وڏي صوبي اندر چيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن وڏي صوبي ۾ سڀ معاملا حقيقي طور صحيح آهن ته باقي ملڪ ۾ به حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون.
sohailsangi@yahoo.com